چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم

چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم

چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم2

چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم (ڪتاب: ڀاڱو ٽيون: فرهنگ ساڻ): هي ڪتاب تعليم کاتي سنڌ جو درسي ڪتاب طور منظور ٿيل آهي، جيڪو انگريزي ڇهين درجي لاءِ شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ 25 مضمون آهن، جن ۾: سوکڙي (ڪتاب) جو ديباچو، مقالات الحڪمت جو ديباچو، سنڌ جا مسلمان، خيام جا خيال، شاهه جو شعر، سچل فقير، سنڌ جي ادبي تاريخ، برٽن صاحب جي سنڌي، ساهت جي سرسري نظر، سنڌ جون اڳوڻيون روايتون، گنجي ٽڪر جو سير ۽ ٻيا مضمون شامل آهن. جڏهن ته شاعريءَ ۾ شاهه لطيف، سـچــل، مـخـدوم هـاشــم ٺٽـوي، مخـدوم عبدالرحيم گرهوڙي، ڀائي آسرداس، رمضان ڪنڀر، محمد صديق مسافر، ليکراج ڪشنچند عزيز، هري دلگير ۽ حيدر بخش جتوئي وغيره جي شاعري ڏنل آهي. ان کانسواءِ ٽيهارو صفحن تي مشتمل فرهنگ يعني لغت به ڏنل آهي. ڪرائون سائيز جي 164 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب 1960ع، 1961ع ڌاري سنڌي ادبي سوسائٽيءَ ڪراچي پاران محمد يوسف اينڊ برادرس پبلشرز، بازار حيدرآباد'>شاهي بازار حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت ڏيڍ روپيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو